ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي سان ڪروڙين ماڻهن جي تقدير تبديل ٿي ويندي

ahsan iqbal isb

ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي سان ڪروڙين ماڻهن جي تقدير تبديل ٿي ويندي، حڪومت منصوبي کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جو عزم رکي ٿي.

گلگت بلتستان ۾ پاڪ چين راهداري منصوبي جي حوالي سان 2 ڏينهن وارو سيمينار جاري آهي، جنهن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال سميت گلگت جا اسٽيڪ هولڊرز ۽ چيني نمائندا به شريڪ آهن.

تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته حڪومت جي مثبت پاليسين سبب راهداري منصوبي ۽ ملڪي نظام کي ڪو به خطرو نه آهي.

هن چيو ته دشمن راهداري منصوبي کي نقصان پهچائڻ جون سازشون ڪري رهيو آهي، جن کي 20 ڪروڙ عوام ناڪام بڻائيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*