ڪراچي ۾ دهشت گردي جي انت واري خاص عدالت ملڪي سالميت، بغاوت ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي ڪيس ۾ گرفتار متحده جي ايم اين اي ڪنور نويد سميت 44 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي

Karachi-ATC-court

ڪراچي ۾ دهشت گردي جي انت واري خاص عدالت ملڪي سالميت، بغاوت ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي ڪيس ۾ گرفتار متحده جي ايم اين اي ڪنور نويد سميت 44 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

متحده جي ايم اين اي ڪنور نويد،  قمر منصور ،  شاهد پاشا ۽ 4 عورتن  سميت 44 اڳواڻن ۽ ڪارڪن کي سخت سڪيورٽي ۾ خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ايم اين اي ڪنور نويد سميت سمورن جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

خاص عدالت ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي ملاقات لاءِ آيل وارثن کي متحده جي گرفتار عورت ڪارڪن ۽ اڳواڻن سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي، جنهن بعد عدالت ٻاهران گرفتار متحده ڪارڪنن جون وارث عورتون دانهون ڪنديون رهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*