گڏيل اپوزيشن پاناما ليڪس جي عدالتي جاچ لاءِ بـِل جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، بـِل تحت سـُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويندو

isb ehtizaz

 گڏيل اپوزيشن پاناما ليڪس جي عدالتي جاچ لاءِ بـِل جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، بـِل تحت سـُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويندو.

 گـَڏيل اپوزيشن پاران پاناما ليڪس جي عدالتي جاچ لاءِ تيار ڪيل بـِل سينيٽر اعتزاز احسن سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائيندو.

بل جي مسودي موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ويندو ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جنهن جي سربراهي چيف جسٽس پاڻ ڪري يا سپريم ڪورٽ جي ٻي جج جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي وڃي.

بل موجب پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميشن مڪمل بااختيار هوندو، انڪوائري ڪميشن وٽ فوجداري ۽ ديواني اختيار حاصل هوندا.

بل جي مسودي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  سمورا ادارا ۽ ايجنسيون ڪميشن جي معاونت جا پابند هوندا، جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف سميت پاناما ليڪس ۾ شامل سموريون شخصيتون ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جون پابند هونديون.

 بل جي مسودي موجب عدالتي ڪميشن جنهن کي چاهي طلب ڪري سگهي، ان کان علاوه ڪميشن وٽ جرح جو به اختيار هوندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*