نوابشاهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پارٽي جا جهنڊا لاهڻ تي پوليس خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

nawab hartaal

    نوابشاهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پارٽي جا جهنڊا لاهڻ تي پوليس خلاف  علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ايس ٽي پي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته منشيات جا اڏا بند  ڪرائڻ ۾ ناڪام ويندڙ پوليس هاڻي سياسي پارٽي خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي.

 نوابشاهه پريس ڪلب آڏو ٻئي ڏينهن به بک هڙتال جاري رکندڙ  ايس ٽي پي اڳواڻن عمران ڪيريو، رفيق ملاح ۽ ٻين چيو ته نوابشاهه  پوليس مين پڙيون، گٽڪا ۽ جوا جا اڏا بند ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي پر امن سياست ڪندڙ ايس ٽي پي جا جهنڊا ۽ پينا فليڪس لاهي رهي آهي، ان عمل جي مذمت ڪيون ٿا.

هنن مطالبو ڪيو ته ايس ٽي پي جا  لاٿل جهنڊا ۽ پينا فليڪس فوري طور تي  واپس هنيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*