ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد ووهره پاران سوڪ سينٽر ۾ آفيس پهچڻ تي ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي ملازم آمهون سامهون ٿي ويا

arshad kmc

ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد ووهره پاران سوڪ سينٽر ۾ آفيس پهچڻ تي ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي ملازم آمهون سامهون ٿي ويا، ملازمن پاڪستان ۽ ايم ڪيو ايم جي حق ۾ نعريبازي پڻ ڪئي، ارشد ووهره جو چوڻ آهي ته ڪچري جو مسئلو پراڻو آهي، اميد ته سنڌ حڪومت سهڪار ڪندي.

ڪراچي جي ڊپٽي ميئر ارشد ووهره جي گاڏي خراب ٿيڻ ڪري سوڪ سينٽر ۾ دير سان آفيس پهتو ته ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي ملازم آمهون سامهون ٿي ويا.

ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي ملازمن ملازمن جي اڪثريت پاڪستان ۽ ايم ڪيو ايم جي حق ۾ نعريبازي پڻ ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ميئر ارشد ووهره جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ترقي ۽ شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سڀني سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو.

ارشد ووهره چيو ته ڪراچي ۾ ڪچرو جو مسئلو 8 سال پراڻو آهي، کيس اميد آهي ته سنڌ حڪومت سهڪار ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*