تنگواڻي ۾ پوليس اهلڪار پاران گهر ۾ گهڙي مبينا طور تشدد ڪرڻ خلاف عورتن احتجاجي مطاهرو ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

tashadud

تنگواڻي ۾ پوليس اهلڪار پاران گهر ۾ گهڙي مبينا طور تشدد ڪرڻ خلاف عورتن احتجاجي مطاهرو ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڳوٺ ڪنڊو بکراڻي جي رهواسي عورتن مسمات راستي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

  عورت ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته پوليس اهلڪار گلزار بکراڻي ساٿين سان گڏجي سندن گهر ۾ داخل ٿي کين وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

هنن چيو ته اهلڪار مٿن تشدد دوران زيادتي جي به ڪوشش ڪئي ته پاڙي وارن جي مداخلت تي سندن عزت محفوظ رهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*