ڊي آءِ جي سکر فيروز احمد شاهه جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ هڪ هفتي دوران مختلف ڪاررواين دوران سنگين ڏوهن ۾ گهربل 135 ڏوهارين کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن

mirpur guns

ڊي آءِ جي سکر فيروز احمد شاهه جو چوڻ آهي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ هڪ هفتي دوران مختلف ڪاررواين دوران سنگين ڏوهن ۾ گهربل 135 ڏوهارين کي گرفتار ڪري وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، گرفتار ڏوهارين ۾ 10 انعام رکيل ڌاڙيل به شامل آهن.

  ميرپور ماٿيلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي ءِ جي سکر جو چوڻ هو ته گهوٽڪي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري قتل، اغوا ۽ ڦرن جهڙي سنگين ڪيسن ۾ گهربل 135 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي سکر جو چوڻ هو ته گرفتار ڏوهارين ۾ هدايت الله شر، ڀورو شر، گورو شر، علي محمد عرف ڪراڙو شر، علي نواز شر، احمدان سندراڻي ۽ شهزادو شر سميت ٻيا ڏوهاري شامل آهن.

ڊي آءِ جي سکر جو چوڻ هو ته گرفتار ڏوهارين جي قبضي مان 2 ايل ايم جيز، هڪ راڪيٽ لانچر، 4 اينٽي ايئر ڪراس گن، 32 ڪلاشنڪوف، 50 پسٽل ۽ 5 هزار کان وڌيڪ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*