صنعتن واري صوبائي وزير منطور وساڻ چيو آهي ته فاروق ستار رات جو پنهنجي قائد سان رابطي ۾هوندو آهي ۽ ڏينهن جو کانس ڌار ٿيڻ جون دعوائون ڪندو آهي

Manzoor-Wasa-8816

صنعتن واري صوبائي وزير منطور وساڻ چيو آهي ته فاروق ستار رات جو پنهنجي قائد سان رابطي ۾هوندو آهي ۽ ڏينهن جو کانس ڌار ٿيڻ جون دعوائون ڪندو آهي.

ڪوٽڏجي ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي منظور وساڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي جي ميئر کي جيل ۾ هوندي به ووٽ جو حق ڏنو ويو، پر جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ آئون به ضلعي ڪائونسل جو ميمبر هئس پر مونکي ووٽ وجڻ نه ڏنو ويو.

منظور وساڻ چيو ته ايم ڪيو ايم الطاف حسين کان ڌار ٿيڻ جون دعوائون ڪري رهي آهي، پر فاروق ستار رات جو الطاف حسين سان رابطي ۾ هوندو آهي.

منظور وساڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻين پارٽين جا ڪيترائي اڳواڻ پ پ ۾ شموليت لاءِ قطارن جي صورت ۾ اچي رهيا آهن پر اسان وٽ ڪرسيون ناهن جنهن ڪري هاڻ اسان منجيون ٺهرائي رهيا آهيون………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*