اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ڪراچي انٽر بورڊ ۾ ڪرپشن ۽ امتحاني نتيجن ۾ تبديلي واري ڪيس ۾ جوابدار ڊپٽي ڪنٽرولر دبير احمد جي عبوري ضمانت منظور ڪندي

InterBoad-Karachi-15816

اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ڪراچي انٽر بورڊ ۾ ڪرپشن ۽ امتحاني نتيجن ۾ تبديلي واري ڪيس ۾ جوابدار ڊپٽي ڪنٽرولر دبير احمد جي عبوري ضمانت منظور ڪندي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڪراچي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ڪراچي انٽر بورڊ ۾ ڪرپشن ۽ امتحاني نتيجن ۾ تبديلي واري ڪيس ۾ ڊپٽي ڪنٽرولر دبير احمد جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ڊپٽي ڪنٽرولر دبير احمد جي عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

ڪيس ۾ انٽر بورڊ جو ملازم عادل انور گرفتار آهي، جوابدارن مٿان ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ امتحاني نتيجن ۾ تبديلي جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*