نوابشاهه ۾ کڏهر پوليس خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.ڳوٺاڻن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايڇ او کي فوري طور تي هٽايو وڃي

nawab police pro

نوابشاهه ۾ کڏهر پوليس خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.ڳوٺاڻن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايڇ او کي فوري طور تي هٽايو وڃي.

نوابشاهه پريس ڪلب آڏو ڳوٺ وسايو جمالي جي رهواسين کڏهر ٿاڻي جي پوليس خلاف جعفر علي جمالي ۽ زاهد علي جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڳوٺ مان سڪندر بروهي جي گهر مان چوري جي شڪايت کڻي ٿاڻي تي پهتاسين ته ايس ايڇ او شڪايت ٻڌڻ بدران کين لاڪ اپ ڪيو. جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او کي فوري طور تي هٽائي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*