قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ايم ڪيو ايم سربراهه خلاف برطانوي حڪومت کان ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خورشيد شاهه چيو آهي

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ايم ڪيو ايم سربراهه خلاف برطانوي حڪومت کان ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خورشيد شاهه چيو آهي ته متحده سربراهه پاڪستان لاءِ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، مٿس برطانيا جي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، برطانوي هاءِ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته پاڪستان اڃا تائين جوڳا ثبوت ناهن ڏنا.

اسلام آباد ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو سان ملاقات ڪئي، متحده سربراهه جي پاڪستان بيان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

خورشيد شاهه برطانوي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم سربراهه پاڪستان مخالف بيان ڏئي رهيو آهي، سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم سربراهه پاڪستان لاءِ وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، برطانوي حڪومت پنهنجي قانون تحت ڪارروائي ڪري.

برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿامس ڊريو چيو ته پاڪستان ايم ڪيو ايم سربراهه خلاف جوڳا ثبوت فراهم ناهن ڪيا، جوڳا ثبوت ملڻ تي متحده سربراهه خلاف برطانوي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*