نوابشاهه ۾ قائم امپريل سائنس ڪاليج پاران يونيورسٽي ۾ داخل وٺڻ لاءِ شاگردن جي تياري واسطي سيلف اسيسمنٽ ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ 560 شاگردن حصو ورتو

nawab entry test

نوابشاهه ۾ قائم امپريل سائنس ڪاليج پاران يونيورسٽي ۾ داخل وٺڻ لاءِ  شاگردن جي تياري واسطي سيلف اسيسمنٽ ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ 560 شاگردن حصو ورتو .

سيلف اسيسمنٽ ٽيسٽ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۾  256 ميڊيڪل ۽ 304 انجنيئرنگ جا شاگرد هئا.

انهي موقعي تي پروگرام جي چيف ڪوآرڊينيٽر ثناءُ الله مستوئي ۽ عبدالوحيد ڀٽي ٻڌايو ته هن ٽيسٽ جو بنيادي مقصد شاگردن ۾ حوصله افزائي ۽ بردباري پيدا ڪرڻ آهي ته جئين شاگرد پنهنجي تعليمي ڪيريئر ۾ هر معاملي کي منهن ڏيئي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*