تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت جون سهولتون نه هئڻ سبب غريب ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن

peshawar imran

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت جون سهولتون نه هئڻ سبب غريب ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، نواز شريف ملڪ ۾ اسپتالون قائم ڪرڻ بدران برطانيا مان علاج ڪرائڻ کي ترجيح ڏئي رهيو آهي.

پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ظلم جو نظام ختم ٿيڻ تائين انصاف نه ملي سگهندو.

هن چيو ته سنڌ جي هڪ وزير بيان ڏنو ته جيڪڏهن غريب نه هجن ته اميرن جي خدمت ڪير ڪندو.

عمران خان چيو ته سنڌ جي وزير جي اهڙي بيان تي حيرت ٿي آهي، کيس ٻين ملڪن ۾ وڃي حقيقت کي ڏسڻ گهرجي.

هن چيو ته وزيراعظم بادشاهه ماڻهو آهي، کيس غريب عوام جو ڪو فڪر ناهي، مسڪين بيمارين سبب مرن پيا، پر وزيراعظم علاج ڪرائڻ پرڏيهه هليو ويندو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*