پيرڳوٺ جي وڏا مهسر شهر بد امني خلاف شهرين ڪاروباري مرڪز بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

pir goth

پيرڳوٺ جي وڏا مهسر شهر  بد امني خلاف شهرين ڪاروباري مرڪز بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 شهرين سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي ۾ روزانو چوريون ڦريون معمول بڻيل آهن، پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري.

هنن مطالبو ڪيو ته بد امني تي فوري طور ضابطو آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*