نئون ديرو مان هڪ سال اڳ اغوا ٿي ويل ٻارڙي ساحل ڪوريجو جي بازيابي لاءِ شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

sahil

نئون ديرو مان هڪ سال اڳ اغوا ٿي ويل ٻارڙي ساحل ڪوريجو جي بازيابي لاءِ شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ميهڙ مان چار سال اڳ اغوا ڪيل ٻارڙي ڪاشف ۽ اشفاق پنهور جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نئون ديرو مان هڪ سال اڳ اغوا ٿي ويل پنجن ورهين جي ٻارڙي ساحل ڪوريجو جي بازيابي لاءِ وارثن جي اپيل تي شهر جا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز  بند ڪيا ويا آهن.

ساحل ڪوريجو جي بازيابي لاءِ وارثن جي سڌ تي شهر جي سياسي سماجي ۽ واپاري تنظيمن پاران ميونسپل چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ساحل ڪوريجو جي پيءُ ظهور ڪوريجو ۽  امڙ صبحان خاتون  جو چوڻ آهي ته سندن معصوم پٽ جي اغوا کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر اڃان تائين کين انصاف نه ملي سگهيو آهي.

هنن چيو ته ڊي آءِ جي پاران ساحل ڪوريجو جي بازيابي لاءِ ڪميٽي به جوڙي وئي پر ان باوجود اڃان تائين ٻارڙي کي بازياب ناهي ڪرايو ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته معصوم ساحل ڪوريجو کي فوري طور بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو احتجاج جاري رکندا.

ميهڙ مان چار سال اڳ اغوا ڪيل ٻارڙي ڪاشف ۽ اشفاق پنهور جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ علائقي واسين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

وارثن جو جو چوڻ هو ته ٻارڙي ڪاشف ۽اشفاق پنهور جي اغوا کي چار سال گذريل ويا آهن، جنهن سبب سندن گهرن ۾ ڪهرام متل آهي.

هنن چيو ته اڳوڻي ڊي آءِ جي سندن ڪيس خراب ڪري ڇڏيو آهي، نينگر ساحل ڪوريجو کي اسان جي پنهنجن مائٽن ئي اغوا ڪيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ٻارڙن کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*