سپريم ڪورٽ هڪ لک رپين تائين ڪرپشن خلاف نيب جي ڪاررواين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 10 لک رپين تائين جي ڪرپشن بابت جاچ جا جمع تائين تفصيل طلب ڪري ورتا

nab-sup17-8

سپريم ڪورٽ هڪ لک رپين تائين ڪرپشن خلاف نيب جي ڪاررواين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 10 لک رپين تائين جي ڪرپشن بابت جاچ جا جمع تائين تفصيل طلب ڪري ورتا، عدالت ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب وڏين مڇين کي ڇڏي ننڍن ننڍن ڪيسز ۾ هٿ وجهي رهي آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس امير هاني جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ احتساب عدالت جي فيصلي خلاف نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

سپريم ڪورٽ هڪ لک رپين تائين ڪرپشن خلاف نيب جي ڪاررواين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڪرپشن خلاف ڪارروايون ڪيتري حد تائين نيب جي زمري ۾ اچن ٿيون.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن نيب هڪ لک رپين تائين ڪرپشن خلاف ڪارروايون ڪندي ته پوءِ ايف آءِ اي جَي قائم رهڻ جو جواز ڪهڙو آهي.

عدالت چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن مان شڪايتون مليون آهن ته نيب عملدار غير ضروري طور تنگ ڪري رهيا آهن.

 جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته ننڍن ننڍن ماڻهن خلاف جاچ نيب جي زمري ۾ نٿي اچي، نيب وڏين مڇين کي ڇڏي ننڍن معاملن ۾ هٿ وجهي رهي آهي.

عدالت نيب کان 10 لک رپين تائين ڪرپشن بابت جاچ جا تفصيل جمعي تائين طلب ڪندي ڊي جي نيب سنڌ ۽ ڊپٽي پراسڪيوٽر جنرل کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي ذاتي طور پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*