ڀٽائي جو پراڻو پارکو محمد علي لغاري سول اسپتال حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

Civil-Hospital-1916

 ڀٽائي جو پراڻو پارکو محمد علي لغاري سول اسپتال حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

مڪاني چونڊن ۾ پٽ ڊاڪٽر انور لغاري جي مارجڻ بعد محمد علي لغاري مسلسل صدمي ۾ ورتل هو ۽ سندس طبعيت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي کيس حيدرآباد سول اسپتال جي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو.

ڀٽائي جي پارکو محمد علي لغاري جي جنازي نماز تعلقي حيدرآباد جي ڳوٺ بخشو لغاري ۾ ادا ڪئي ويندي.

 محمد علي لغاري سڄي عمر ڀٽائي جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون، جڏهن ته سندس  فرزند منور لغاري جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*