افغانستان پاران معافي وٺڻ بعد 15 ڏينهن کان بند باب دوستي کوليو ويو

Chaman-Dosti-gate-22816

افغانستان پاران معافي وٺڻ بعد 15 ڏينهن کان بند باب دوستي کوليو ويو آهي، جنهن سبب ٻنهي پاسن کان قطارون ڪري بيٺل ڪنٽينر منزل ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.

پاڪستان ۽ افغانستان جي بارڊر تي باب دوستي کولڻ کان اڳ ٻنهي ملڪن جي سڪيورٽي فورسز جي جوانن هڪٻئي سان هٿ  ملايو، ان کانپوءِ باضابطا طور تي باب دوستي کوليو ويو.

باب دوستي کلڻ سان ٻنهي ملڪن  جي عوام ۾ زميني رابطو بحال ٿي ويو آهي ۽ واپاري سرگرميون شروع ٿي ويون آهن.

واضع رهي ته 2 هفتا اڳ افغانستان جي شهرين جي احتجاج کانپوءِ باب دوستي بارڊر بندڪيو ويو هو، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام جو زميني رابطو ڪٽجي ويو هو ۽ واپاري سرگرميون به معطل ٿي ويون هيون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*