سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات مواصلاتي نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو ۽ پاڻي رستن تي بيهجي ويو

Sindh-Rain-1916

سنڌ ۽ بلوچستان  جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات مواصلاتي نظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو ۽ پاڻي رستن تي بيهجي ويو آهي.

شڪارپور، مديجي ، خان پور جيڪب آباد، ڳڙهي خيرو، دائو جهان پور، محمد پور اوڍو، شيران پور، ميران پور سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾طوفاني برسات سبب ڪيترائي وڻ پاڙئون پٽجڻ ۽  گهرن توڙي دڪانن جا ڇاپرا اڏامي وڃڻ جا اطلاع آهن.

اوستا محمد، گنداخه، باغ ٽيل، هيڊ باغ ۽ پٽ فيڊر سميت بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾تيز هوا سان گڏ برسات پوڻ جي نتيجي ۾ پاڻي رستن توڙي گهرن اندر بيهجي ويو.

طوفاني برسات سبب سنڌ توڙي بلوچستان جي سرحدي پٽيءَ وارن علائقن ۾مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويا، بجلي جا ٿنڀا ڪرڻ سبب اڪثر علائقا اونداهيءَ ۾ ٻڏي ويا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*