پاڪستان مخالف نعرن ۽ تقريرن کانپوءِ ايم ڪيو ايم پاران اڄ الطاف حسين خلاف قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويندو

National-Assembly-9816

پاڪستان مخالف نعرن ۽ تقريرن کانپوءِ ايم ڪيو ايم پاران اڄ الطاف حسين خلاف قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويندو.

ايم ڪيو ايم جي سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن جي صحيح سان ڊاڪٽر فاروق ستار پاران قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ الطاف حسين خلاف ٺهراءُ جمع ڪرايو ويندو.

 متحده جي ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته  رياست خلاف ڳالهائيندڙن سان سندن ڪو به واسطو نه آهي.

ان حوالي سان ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ آهي ته الطاف حسين خلاف ٺهراءَ آڻڻ تي اجلاس ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن تي رابطه ڪميٽي به راضپو ظاهر ڪيو آهي.

فاروق ستار جو چوڻ آهي ته 22 آگسٽ تي ڪراچي ۾ پيش آيل واقعي تي معافي گهري چڪا آهيون، سندن ٺهراءَ جو متن 23 آگسٽ واري پريس ڪانفرنس تحت ئي هوندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*