سنڌ صوبي کي ڏوهن کان پاڪ ڪري مثالي صوبو بڻايو ويندو, سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل اي ڊي خواجا

IG-Khuwaja-1916

سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل اي ڊي خواجا چيو آهي ته سنڌ صوبي کي ڏوهن کان پاڪ ڪري مثالي صوبو بڻايو ويندو.

ڪراچي جي  سينٽرل پوليس آفيس ۾ ترقي ماڻيندڙ پوليس آفيسرز جي مان ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي پوليس اي ڊي خواجا جو چوڻ هو ته ترقي حاصل ڪرڻ هر آفيسر جو خواب هوندو آهي.

هن چيو ته سنڌ صوبي کي مثالي بڻائي ڏوهن کان پاڪ ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ امن لاءِ سنڌ پوليس جون وڏيون قربانيون آهن.

آءِ جي پوليس جو چوڻ هو ته ڊيوٽي دوران زخمي اهلڪارن جي علاج لاءِ فنڊن جي کوٽ آهي، ان ڪري حڪومت ڊيوٽي دوران زخمي ٿيندڙ اهلڪارن جي علاج لاءِ ڌار 10 ڪروڙ رپيا فنڊ ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*