لاهور هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم تي پابندي واري درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو

Lahore-High-Court-12-4-16

لاهور هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم تي پابندي واري درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

 چيف جسٽس، جسٽس منصور علي شاهه جـِي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائڻ لاءِ وڪيل آفتاب ورڪ جي درخواست تي ٻـُڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پوليٽيڪل پارٽي ايڪٽ تحت اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ ٿيل سموريون پارٽيون پاڪستان سان وفادار هئڻ گهرجي پر ايم ڪيو ايم محب وطن پارٽي ناهي رهي.

درخواستگذار موجب متحده سربراهه پاران پاڪستان جي مخالف نعرا هنيا ويا، ان ڪري عدالت کي استدعا آهي ته ايم ڪيو ايم جي رجسٽريشن رد ڪري پابندي جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت، درخواست تي شروعاتي ٻـُڌڻي ڪندي وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ ايم ڪيو ايم کي نوٽيس جاري ڪندي 6 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت ۾ ٻڌڻيءَ دوران وڪيلن پاران متحده سربراهه خلاف ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا ويا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*