ڪوئيٽا جي اسپتال ۾ داخل وڌيڪ هڪ مريض ۾ ڪانگو وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي وئي

 Congo-Virus-1916

ڪوئيٽا جي اسپتال ۾ داخل وڌيڪ هڪ مريض ۾ ڪانگو وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن بعد موذي مرض سبب متاثر ٿيندڙ مريضن جو انگ وڌي 26 ٿي ويو آهي.

ڪوئيٽا جي جناح اسپتال ۾ داخل پشين واسي مريض داد محمد کي ڊاڪٽرن پاران ڪانگو وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته داد محمد کي 3 ڏينهن اڳ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، سندس رت جا نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جيڪي مثبت آيا.

اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪانگو وائرس سبب متاثر ٿيندڙ مريضن جو انگ وڌي 26 ٿي ويو آهي، جڏهن ته جيل تائين 9 ڄڻا موذي مرض سبب فوت ٿي چڪا آهن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*