راولپنڊي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڪسٽم انسپيڪٽر قتل ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري درخواست رد ڪندي کيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Ayan-Ali-1916

راولپنڊي جي جڊيشل مئجسٽريٽ ڪسٽم انسپيڪٽر قتل ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري درخواست رد ڪندي کيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

جڊيشل مئجسٽريٽ گلفام بٽ جي عدالت ۾  ڪسٽم انسپيڪٽر اعجاز چوڌري قتل ڪيس ۾ ايان علي کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ ۽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻيءَ دوران ايان علي عدالت ۾ پيش ٿي استدعا ڪئي ته سندس بيان رڪارڊ ڪرايو وڃي.

ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اعجاز چوڌري قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي هن معاملي جي جاچ سي ٽي ڊي ڪندي.

عدالت، جاچ آفيسر جي بيان بعد ايان علي جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري درخواست رد ڪندي چيو ته ڪيس ۾ اي ٽي سي قلم شامل ٿيڻ سبب ايان علي جو بيان رڪارڊ نٿو ڪري سگهجي.

عدالتي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ماڊل ايان علي چيو ته ڪسٽم انسپيڪٽر قتل ڪيس سان سندس ڪو به واسطو نه آهي، جنهن وقت اعجاز چوڌري جو قتل ٿيو، ان وقت هوءَ جيل ۾ هئي.

ايان علي چيو ته کيس ڦاسايو پيو وڃي، ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪئي آهي، هن ڪيس ۾ به بيگناهي ثابت ڪنديس……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*