سنڌ هاءِ ڪورٽ، جعلي ڪرنل وسيم يوسف ڪيس ۾ سرڪاري وڪيل کي نقل ڪاپي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ، جعلي ڪرنل وسيم يوسف ڪيس ۾ سرڪاري وڪيل کي نقل ڪاپي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڊي جي رينجرز جو نالو استعمال ڪري ماڻهن کان ڪروڙين رپيا وصول ڪيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ جعلي ڪرنل وسيم يوسف جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پوليس عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته جوابدار وسيم يوسف پاڻ کي ڪرنل سڏائي ڪلفٽن مان هڪ شخص کان 2 ڪروڙ رپيا ڀتو طلب ڪيو.

پوليس چيو ته جوابدار ڊي جي رينجرز جو نالو استعمال ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ ڀتو طلب ڪري چڪو آهي.

عدالت ڪيس جي ڪاپي سرڪاري وڪيل کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*