سنڌ هاءِ ڪورٽ، ماڻهن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ ڊي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو

IG-DG-1916

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ماڻهن جي گمشدگي واري ڪيس ۾ ڊي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪ ڪالوني مان گم ٿيل پيءُ پٽ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران وڪيلن دليل جاري رکيا.

ٻڌڻي دوران وڪيل دليل ڏنا ته 2013 ۾ پاڪ ڪالوني مان طارق ۽ بلال گم ٿيا، جن جو هيل تائين پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته سندن وارث پريشان آهن.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت آءِ جي سنڌ کي جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، پر اڃا تائين عمل ناهي ٿي سگهيو.

عدالت ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 26 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*