سنڌ هاءِ ڪورٽ، مڪاني چونڊن جي خاص سيٽن تي پارٽي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ خلاف درخواست تي سنڌ سرڪار ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

Zulfi new

سنڌ هاءِ ڪورٽ، مڪاني چونڊن جي خاص سيٽن تي پارٽي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ خلاف درخواست تي سنڌ سرڪار ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ مڪاني چونڊن جي خاص سيٽن تي پارٽي بنيادن تي اليڪشن ڪرائڻ خلاف ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مڪاني چونڊون پارٽي بنيادن تي ڪرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، تنهنڪري عدالت کي اپاءَ وٺڻ گهرجن.

ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل اهڙي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته مڪاني چونڊن جي خاص سيٽن تي پارٽي بنيادن تي اليڪشن قانون موجب ڪرائي وئي آهي.

عدالت اهڙي درخواست تي سنڌ سرڪار ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*