ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، نائن زيرو تان هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ جوابدارن جي وڪيل کي نقل ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ درخواست داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ATC-16-4-16

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، نائن زيرو تان هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ جوابدارن جي وڪيل کي نقل ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ درخواست داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نائن زيرو تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي دوران هٿ آيل غير قانوني هٿيارن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

پوليس جوابدار فيصل موٽا، عبيد ڪي ٽو سميت 26 جوابدارن کي پيش ڪيو، جڏهن ته ڪيس جو فائيل جمع ناهي ڪرايو ويو.

جوابدارن جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته ڪيس جي نقل ڪاپي فراهم ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت ڪيس هڪ وڌيڪ درخواست داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

واضح رهي ته 11 مارچ 2015 تي رينجرز نائن زيرو تي ڪارروائي ڪري 26 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*