سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بئنچ ڪوڙي پٽيشن داخل ڪرائيندڙ نصيرآباد واسي درخواستگذار سميت ٻن ڄڻن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

larkana-Map05-8

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بئنچ ڪوڙي پٽيشن داخل ڪرائيندڙ نصيرآباد واسي درخواستگذار سميت ٻن ڄڻن  کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نصير آباد واسي علي خان جتوئي پٽيشن ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته نصير آباد پوليس مرتضيٰ ۽ پنهل جتوئي کي ڳوٺ چنهڙ مان کنڀي فل فراءِ ڪيو آهي.

عدالت ۾ پوليس رپورٽ پيش ڪئي ته اغوا ڄاڻايل پنهل ڪراچي جي هڪ فيڪٽري ۾ ڪم ڪري ٿو، پوليس ڪنهن کي فل فراءِ نه ڪيو آهي، جنهن بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستگذار علي خان جتوئي ۽ مرتضيٰ جتوئي کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*