وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته گوادر فري زون سي پيڪ منصوبي جو اهم حصو آهي، ملڪ مان دهشتگردي گهڻي حد تائين ختم ٿي چڪي آهي

gawadr pm

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته گوادر فري زون سي پيڪ منصوبي جو اهم حصو آهي، ملڪ مان دهشتگردي گهڻي حد تائين ختم ٿي چڪي آهي، باقي وڃي پـُڇ رهيو آهي،  انجو به جلد خاتمو آندو ويندو.

گوادر ۾ ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته  دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن، جلد ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو.

هـُن چيو ته بلوچستان ۾ امن قائم ٿي چڪو آهي، گوادر پاڪستان ۽ پاڪستان گوادر آهي، الله تعاليٰ گوادر کي خراب نطر کان بچائي.

وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي امن لاءِ قرباني ڏيڻ وارن کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، صوبي ۾ امن جي قيام ۾ ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ ناصر جنجوعا جي خدمتن جو وڏو عمل دخل آهي.

نواز شريف وڌيڪ چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي تي ڪم جاري آهي، اميد آهي ته هي منصوبو وقت تي مڪمل ٿيندو، بجلي جي منصوبن تي به تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي، چين به بجلي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي وڏي مدد ڪئي آهي.

وزيراعظم چيو ته گوادر ۾ جاري منصوبن ۾ چين جو به اوترو ئي هٿ آهي، جيترو پاڪستان جو هٿ آهي، گوادر منصوبو ٻنهي ملڪن کي هڪ جيترو فائدو حاصل ٿيندو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گوادر کي هڪ عالمي شهر ٿيندي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي،  هتي جديد عالمي ايئرپورٽ به ٺهندو، جتي نار جي ملڪن کان علاوه يورپ لاءِ به اڏامون هلنديون……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*