لاڙڪاڻي ۾ جوابدار پوليو ٽيم تي حملو ڪري هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شادي نه ڪرڻ تان ناري کي زخمي ڪيو آهي

lrk lady zakhmi

لاڙڪاڻي ۾ جوابدار پوليو ٽيم تي حملو ڪري هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر کي زخمي ڪري ڇڏيو،  پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شادي نه ڪرڻ تان ناري کي زخمي ڪيو آهي.

لاهوري  محلي ۾ پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ناري صغريٰ لاشاري کي جوابدار ڪاشف کوکر ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد علائقي واسين جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ناري کي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب جوابدار ڪاشف کوکر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن شادي نه ڪرڻ تان ناري صغريٰ کي گولي هڻي زخمي ڪيو آهي.

پوليس موجب جوابدار اهو به ٻڌايو آهي ته ناري صغريٰ جي شادي ٿيڻ کانپوءِ هن، ناري کي ماري پاڻ به آپگهات ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو.

ناري صغريٰ لاشاري جو چوڻ هو ته  جوابدار کيس ڪيترائي ڀيرا تنگ ڪيو هو، جنهن بعد هن صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي پڻ دانهن ڏني هئي.

ناري صغريٰ لاشاري مطالبو  ڪيو ته جوابدار کي سخت سزا ڏئي ساڻس انصاف ڪيو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*