سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي آفيسرس ايسوسيئشن پاران انتظاميه جي مبينا ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

tando jam protest

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي آفيسرس ايسوسيئشن پاران انتظاميه جي مبينا ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

زرعي يونيورسٽي جي آفيسرن مرڪزي چيئرمين رياست ڪٻر، حسين بخش ويسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آءِ ٽي فئڪلٽي آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي.

مظاهرين چيو ته يونيورسٽي انتظاميه مالي بد عنواني ۾ ملوث آهي، جيڪا يونيورسٽي جي ناياب ۽ قيمتي اثاثن کي به تباهه ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميه ڪروڙين روپين جا قيمتي وڻ وڍائي پئسھ ملي ڀڳت ڪري  هڙپ ڪيا ويا آهن.

ھنن چيو تھ يونيورسٽي ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ ڪرائي ملوث ماڻھن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويدو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*