قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم تي پابندي جي حق ۾ نه آهيون، نئين متحده کي 6 مهينا ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، ان کانپوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي

Khursheed-Shah-11716

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم تي پابندي جي حق ۾ نه آهيون، نئين متحده کي 6 مهينا ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، ان کانپوءِ صورتحال واضح ٿي ويندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي چوان ٿو ته متحده تي پابندي جو نه سوچيو وڃي.

هـُن چيو ته ايم ڪيو ايم جي وفد ساڻس ملاقات ڪري يقين ڏياريو آهي ته هاڻي سندن متحده سربراهه سان ڪو به تعلق ناهي، جيڪو به الطاف حسين جو ساٿ ڏيندو، اهو ملڪ دشمنن ۾ تصور ڪيو ويندو.

خورشيد شاهه چيو ته برطانوي هاءِ ڪمشنر تصديق ڪئي آهي ته کيس متحده سربراهه خلاف ريفرنس مليو آهي پر ان کي اڃا ڏٺو ناهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته پاناما ليڪس جي جاچ لاءِ سينيٽ ۾پيش ڪيل بل رد ڪيو ويو ته گڏيل اپوزيشن پنهنجي حڪمت عملي جوڙيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*