ٿر ۾ بک ۽ بيمارين سبب وڌيڪ ٻه ٻارڙا مارجي ويا انگ 347 ٿي ويو

ڏڪار سٽيل ٿر ۾ موت جو خواني راڪاس اڄ وڌيڪ ٻن ٻارڙن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، جنهن بعد 102 ڏينهن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 347 ٿي ويو آهي.

سول اسپتال مٺي ۾ ڳوٺ ارٻلا ڀيل جي رهواسي پورهيت سخو ڀيل جو 9 مهينن جو پٽ پرڪاش فوت ٿي ويو، جڏهن ته تعلقي اسپتال ڇاڇرو ۾ ڳوٺ اوڏاڻي جي رهواسي پورهيت عارب ڀيل جي 6 مهينن جي ڌيءُ ليلان زندگي جي جنگ هارائي ويٺي.

ٿر ۾ بک ۽ بيماري وگهي 102 ڏينهن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 347 ٿي ويو آهي، پر سرڪار پاران موت جي خوني راڪاس کي روڪڻ لاءِ ڪي به عملي قدم نه کنيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*