مـَردان جـِي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي گيٽ تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن ۽ وڪيلن سميت 14 ڄڻا شهيد ۽ 56 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

MarDan-Blast-2916

مـَردان جـِي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي گيٽ تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن ۽ وڪيلن سميت 14 ڄڻا شهيد ۽ 56 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ڊي پي او مردان جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار آپگهاتي بمبار کي گيٽ تي روڪيو، جيڪڏهن بمبار عدالت جي اندر داخل ٿي وڃي ها ته وڏو جاني نقصان ٿئي ها.

 مردان جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ آپگهاتي بمبار عدالت جي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڪيورٽي تي موجود پوليس اهلڪار کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد بمبار دستي بم اڇلايو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ وڪيلن ۽ پوليس اهلڪارن سميت 14 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 56 زخمي ٿي پيا، جن کي ڊي ايڇ ڪيو مردان منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان اڪثر زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ڌماڪي کانپوءِ مردان جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جڏهن ته سخت زخمين کي پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڊي پي او مردان فيصل شهزاد جو چوڻ آهي ته پوليس آپگهاتي بمبار کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد بمبار پاڻ کي گيٽ تي ئي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي ۾ 6 کان 7 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو.

ڊي پي او مردان چيو ته جيڪڏهن آپگهاتي بمبار عدالت جي اندر داخل ٿي وڃي ها ته وڏي نقصان جو خدشو هو.

واقعي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن ڪيو، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ به ڌماڪي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون.

وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي ۽ ٻين مردان ۾ عدالت ٻاهران ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته وڪيلن عدالتي ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*