اسلام آباد جي پمز اسپتال مان تازو ڄاول ٻارڙو اغوا ٿي ويو وارثن ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد جي پمز اسپتال مان تازو ڄاول ٻارڙو مبينا اغوا ٿي ويو، وارثن واقعي جو ڪيس مارگله ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، اسپتال انتظاميه شڪ ظاهر ڪيو آهي ته ٻارڙي کي مريض سان گڏ آيل عورت ئي کڻي وئي آهي.

اسلام آباد جي رهواسي شمس الرحمان جي گهرواري کي گذريل رات ٻارڙو پيدا ٿيو، جنهن کي اڄ صبح پمز اسپتال جي گائني وارڊ مان اغوا  ڪيو ويو.

وارثن پاران ٻارڙي جي اغوا تي پمز اسپتال انتظاميه خلاف زيرو پوائنٽ تي احتجاج ڪيو ويو، جنهن بعد مارگله ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو ويو.

اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته واقعو وارثن جي لاپرواهي سبب پيش آيو آهي، مريض سان گڏ آيل هڪ عورت غائب آهي، کين شڪ آهي ته اها ٻارڙي کي کڻي وئي آهي.

ڊاڪٽرن موجب، مريض سان گڏ آيل عورت سمورا انتظام ڪري رهي هئي ۽ سڄي رات ساڻن گڏ هئي پر جيئن ئي ٻارڙو گم ٿيو، عورت به غائب آهي، ان ڪري کين شڪ آهي ته اها عورت ئي ٻارڙي کي اغوا ڪري وئي آهي.

اسپتال انتظاميه واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*