تعليم واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته ڪراچي انٽر بورڊ ۾ پئسن ذريعي شاگردن کي پاس ڪرايو ويندو هو

jam-mahtab-dhahr

تعليم واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته ڪراچي انٽر بورڊ ۾ پئسن ذريعي شاگردن کي پاس ڪرايو ويندو هو، سمورا ثبوت اينٽي ڪرپشن هٿ ڪري ورتا آهن، لاڳاپيل عملدارن سان مشاورت کانپوءِ جلد بورڊ جا روڪيل نتيجا پڻ جاري ڪيا ويندا.

ڪراچي ۾ ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته 60 پاڪستاني شاگرد چيني زبان سکڻ لاءِ 5 سال جو ڪورس ڪرڻ لاءِ چين وڃي رهيا آهن، سمورا شاگرد سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجز مان کنيا ويا آهن.

هن چيو ته شاگرد چيني زبان سکي ڪري بهتر موقعا حاصل ڪري سگهندا، اسڪولن ۾ بيهجي ويل پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪم تيزيءَ سان جاري آهي.

ڪراچي انٽر بورڊ ۾ ڪرپشن جي حوالي سان ڳالهائيندي ڄام مهتاب ڏهر چيو ته پئسن عيوض شاگرد پاس ڪرايا ويندا هئا، جنهن جا سمورا ثبوت اينٽي ڪرپشن هٿ ڪري ورتا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*