تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف وچ ۾ مردان جي هيلي پيڊ تي ملاقات ٿي آهي

Imran-Khan-2916

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف وچ ۾ مردان جي هيلي پيڊ تي ملاقات ٿي آهي، عمران خان آرمي چيف سان ملاقات جي تصديق ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر انهن کي ناڪامي ملندي.

10 سالن جو ڪاظم ڏاهاڻي نانگ جي ڪکڻ سبب زخمي چانڊڪا فوت، علاج نه ڪيو آهي احتجاج

 پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف وچ ۾ مردان جي هيلي پيڊ تي ملاقات ٿي جنهن دوران دهشتگرد خلاف ويڙهه دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ عمران خان جي ملاقات دوران خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پرويز خٽڪ به موجود هو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات عمران خان جي آمد ۽ آرمي چيف جي روانگي وقت ٿي.

عمران خان مردان حملي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آرمي چيف سان ملاقات ٿيڻ جي به تصديق ڪئي.

عمران خان جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ پرڏيهي وزير نه هئڻ سبب پاڪستان جو موقف دنيا آڏو صحيح انداز ۾ پيش نه ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته قوم دهشتگردي جي خاتمي تي متفق آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ان معاملي تي ٺاهه ڪيو ويندو.

عمران خان جو چوڻ هو ته دهشتگرد ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ چاهين ٿا پر کين ناڪامي نصيب ٿيندي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*