دادو جي سيشن ڪورٽ ڳوٺاڻي تي تشدد ڪرڻ جي الزام هيٺ پيارو ڳوٺ پوليس چوڪي جي انچارج سميت 4 پوليس اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

dadu police tashdud

دادو جي سيشن ڪورٽ ڳوٺاڻي تي تشدد ڪرڻ جي الزام هيٺ پيارو ڳوٺ پوليس چوڪي جي انچارج سميت 4 پوليس اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پيارو ڳوٺ پوليس جي تشدد ۾ زخمي ٿيل نوجوان نويد پنهور  سيشن ڪورٽ دادو  ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن تي سيشن ڪورٽ نوٽيس وٺندي پيارو ڳوٺ پوليس چوڪي جي انچارچ محمد خان پنهور سميت 4 سپاهين تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پوليس تشدد ۾ زخمي ٿيل نوجوان نويد پنهور الزام هنيو آهي ته پيارو ڳوٺ پوليس چوڪي جي  انچارج پلاٽ جي تڪرار تان کيس  بيگناهه گرفتار ڪري هٿ پير ٻڌي تشدد ڪري زخمي ڪيو .

هن چيو ته پوليس چوڪي جو انچارج کيس  ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ان ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*