ڄامشوري ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

jamshoro

ڄامشوري ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

شهرين محمد قمبراڻي  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته شهر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام تباهه آهي، روڊن ۽ گهٽين مان برساتي پاڻي به نيڪال ناهي ڪيو ويو.

هنن چيو ته شهر ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڪوبه ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ويو، جاري ڪيل فنڊس  به ڪامورا ۽ چونڊيل نمائيندا هڙپ ڪري ويا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي صفائي جو نظام بهتر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*