سيپڪو اختيارين گمبٽ ۾ غير قانوني ڪنيڪشنز خلاف آپريشن ڪري 300 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽي تارن کي باهه ڏئي ڇڏي

wapda opration

سيپڪو اختيارين گمبٽ ۾ غير قانوني ڪنيڪشنز خلاف آپريشن ڪري 300 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽي تارن کي باهه ڏئي ڇڏي.

سيپڪو اختيارين گمبٽ شهر جي

مسڻ محلا، غريب آباد، مهراڻ ڪالوني، فاروقي محلا، امجد ڪالوني ۽ ڪاليج روڊ سميت مختلف علائقن ۾ غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽا ڪري ڇڏيا.

سيپڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته گمبٽ شهر ۾ غيرقانوني ڪنيڪشنز خلاف آپريشن ڪري ڪنيڪشن ڪاٽا ڪيا ويا آهن، آپريشن دوران قبضي ۾ ورتل بجلي جون تارون ساڙيون ويون آهن.

سيپڪو عملدارن دعويٰ ڪئي ته شهر جي مختلف علائقن جا 13 ٽرانسفارمر تبديل ڪيا آهن ۽ وڌيڪ سڙيل ٽرانسفارمز به جلد تبديل ڪيا ويندا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*