لاڙڪاڻي ويجهو اسڪول ٻاهران ٻارڙي کي مبينا طور اغوا ڪندڙ شخص کي علائقي واسين پڪڙي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

larkna bachi

لاڙڪاڻي ويجهو اسڪول ٻاهران ٻارڙي کي مبينا طور اغوا ڪندڙ شخص کي علائقي واسين پڪڙي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺ غلام ڀٽو ۾ پرائمري اسڪول ٻاهران 3 درجي جي شاگردياڻي زهريٰ مغيري کي اغوا ڪرڻ جي شڪ ۾  علائقي واسين هڪ شخص کي پڪڙي مارڪٽ ڪئي، جنهن بعد کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس جو  چوڻ آهي ته جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، اغوا جي تصديق بعد ئي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*