فيض گنج ڀرسان ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت هڪ زخمي

فيض گنج ڀرسان ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

نيشنل مهراڻ هاءِ وي تي ڪرونڊي ڀرسان تيز رفتار ٽڪر جو موٽرسائڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾نوجوان جلال الدين راڄپر فوت ۽ فاروق راڄپر سخت زخمي ٿي پيو .

پوليس پهچي نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو، جتي زخمي کي طبي امدا ڏني پئي وڃي.

پوليس موجب، ٽرڪ کي ڊرائيور سوڌو حراست ۾ ورتو ويو ، حادثي جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*