جوهي ڀرسان نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو

جوهي ڀرسان نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ ڳوٺ بچل لغاري جي رهواسي طور ڪئي وئي آهي.

جوهي ڀرسان ڦلجي روڊ تان نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ ڳوٺ بچل لغاري جي رهواسي ابراهيم لغاري طور ڪئي وئي آهي.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.

نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندس مخالف ڌر سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان سندن نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي.

واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته هو جاچ ڪري رهيا آهن ۽ جلد ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*