نوازشريف ايندڙ چونڊون کٽڻ لاءِ ادارن کي تباهه ڪري رهيو آهي، ريلي دوران ڪو به تشدد ٿيو ته ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو, تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان

Imrankhan-Pti-3916

تحريڪ انصاف جي  سربراهه عمران خان چيو آهي ته  نوازشريف ايندڙ چونڊون  کٽڻ لاءِ ادارن کي تباهه ڪري رهيو آهي، ريلي دوران ڪو به تشدد ٿيو ته ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته ڪنٽينر رکي پي ٽي آءِ جي ريلين کي روڪيو ويو آهي، لاهور ۾ رستن تي ڪنٽينر رکڻ سبب ريلي وقت تي نه نڪري سگهي.

عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن، نيب ۽ ايف بي آر جي اهليت شڪي بڻجي وئي آهي، نوازشريف اهو وزيراعظم آهي جنهن سپريم ڪورٽ تي حملو ڪرايوهو.

پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته ماڊل ٽائون ۾ قتل عام ڪرايو ويو، اسلام آباد ۾  سندن مٿان  تشدد ڪيو ويو، شريفن کي وارننگ ٿو ڏئي ته جيڪڏهن ريلي دوران ڪجهه ٿيو ته ذميوار حڪمران هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*