لاهور ۽ راولپنڊي ۾ تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ جي ريلين سبب حڪومت پاران ڪنٽينر بيهارڻ ڪري ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ايمبولينسن ۾ ٻه مريض فوت ٿي ويا

Lahore-road-Block-3916

لاهور ۽ راولپنڊي ۾ تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ جي ريلين سبب حڪومت پاران ڪنٽينر بيهارڻ ڪري ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل  ايمبولينسن ۾ ٻه مريض فوت ٿي ويا آهن، وڏي وزير نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

حڪومت  ريلين جي سڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي مري روڊ تي ڪنٽينر بيهاري ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي،  مري روڊ ۽ ان  جي ڀرپاسي ۾ ڪاروباري مرڪز به بند ڪرائي ڇڏيا.

Cra_gO-WYAAqP4Q

  راولپنڊي جي مخلتف علائقن ۾ ڪنٽينر بيهارڻ سبب صادق آباد، مري روڊ، ڪچهري روڊ،  ڪشمير هاءِ وي سڪس روڊ ۽ سيٽلائيٽ ٽائون ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي آهي، جنهن سبب ڪجهه ايمبولينسون به ڦاسي پيون آهن.

ٽريفڪ جام هجڻ ڪري شاهدره چوڪ ويجهو ڦاٿل ايمبولينس ۾ ٻار فوت ٿي ويو، جڏهن ته سيٽ لائيٽ ٽائون واري علائقي ۾ پڻ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ايمبولينس ۾ هڪ عورت دم ڏئي ڇڏيو.

Cra_iFtW8AAXrHN

وڏي وزير شهباز شريف واقعن جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي  آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*