مارچ جي موسم ناهي پر ڪجهه حالتون مشڪل ضرور آهن، مارچ مهيني ۾ مارچ ٿيڻو آهي پر هاڻي ڪجهه تبديليون ٿي رهيون آهن، صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ

Manzoor-wasah-3916

صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته مارچ جي موسم ناهي پر ڪجهه حالتون مشڪل ضرور آهن، مارچ مهيني ۾ مارچ ٿيڻو آهي پر هاڻي ڪجهه تبديليون ٿي رهيون آهن، پاڪستان خلاف 1984ع ۾ به تقرير ڪيون ويون پر هاڻي بيورو ڪريسي ۽ سياسي قيادت برداشت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ سائيٽ ايسوسيئيشن جي دوري دوران واپارين کي خطاب ڪندي منظور وساڻ چيو ته ڪراچي پاڪستان جو صنعتي حب آهي ۽ مني پاڪستان آهي.

هن چيو ته صنعتڪارن کي ماضيءَ ۾ سڪيورٽيءَ جا مسئلا سامهون هئا پر هاڻي سنڌ پوليس رينجرز سان گڏجي امن بحال ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته سائيٽ کي صاف سٿرو بڻائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ جي خاص گرانٽ جاري ڪئي آهي، وسيم اختر جيستائين قيد ۾ آهي، ارشد ووهره ڪراچي جو قائم مقام ميئر آهي.

 منظور وساڻ چيو ته پاڪستان خلاف 1984ع ۾ نعرا هنيا ويا ۽ ماضيءَ ۾ مزار قائد تي قومي جهنڊو ساڙيو ويو پر هاڻي بيورو ڪريسي ۽ سياسي قيادت فيصلو ڪري چڪا آهن ته اهڙو ڪجهه به برداشت نه ڪيو ويندو.

صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته مارچ جي موسم ناهي پر ڪجهه حالتون مشڪل ضرور آهن، مارچ مهيني ۾ مارچ ٿيڻو آهي پر هاڻي ڪجهه تبديليون ٿي رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*