ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٻيهر شدت اختيار ڪري ورتي

Water-Karachi-3916

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٻيهر شدت اختيار ڪري ورتي، ايم ڊي واٽر بورڊ الزام هنيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پاران ڪجهه ڏينهن کان بجليءَ جي بريڪ ڊائون سبب پاڻيءَ جون ڪيتريون ئي پائيپ لائينز ڦاٽي پيون آهن، ڌاٻيجي ۾ ڦاٽي پيل مين لائين جي مرمت ۾ 5 ڏينهن لڳي سگهن ٿا.

ڌاٻيجي ۾ پاڻيءَ جي مين پائيپ لائين ڦاٽي پوڻ سبب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي بحران شدت اختيار ڪري ورتي آهي.

ايم ڊي واٽر بورڊ جو مصباح الدين فريد الزام هنيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجليءَ جي بريڪ ڊائون سبب پاڻيءَ جون ڪيتريون ئي پائيپ لائينز ڦاٽي پيون آهن.

ايم ڊي واٽر بورڊ وڌيڪ چيو ته بجليءَ جي بريڪ ڊائون سبب پمپنگ اسٽيشن جي ڳري ۽ قيمتي مشينري کي سخت نقصان پهتو آهي.

ترجمان واٽر بورڊ موجب پاڻيءَ جي ڦاٽي پيل پائيپ لائينز جي مرمت جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ڌاٻيجي ۾ ڦاٽي پيل مين پائيپ لائين جي مرمت ۾ 5 ڏينهن لڳي سگهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*