سلمان خان جي “سلطان” سال جي سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ فلم

Sultan-3916

بالي ووڊ سلطان سلمان خان جي “سلطان” جيتوڻيڪ باڪس آفيس تي 3 سئو ڪروڙ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪري ٽاپ تي آهي پر اڪشي ڪمار به هلندڙ سال سئو ڪروڙ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ 3 فلمون ڏئي لسٽ ۾ ڪنهن کان پوئتي نه آهي.

اڪشي ڪمار جي ايئر لفٽ 127 ڪروڙ، رستم 124 ڪروڙ سان سپرهٽ رهيون پر  هائوس فل ٿري 107 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪرڻ باوجود پنهنجو خرچ ئي ڪڍي سگهي.

ڪنگ شاهه رخ خان لاءِ 2016 جو سال سٺو ثابت نه ٿيو آهي سندس فلم فين 85 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪرڻ باوجود فلاپ رهي، جنهنڪري ئي ڪنگ خان کي پنهنجي فلم “رئيس” جي رليز ٻين وڏين فلمن سان ٽڪراءُ کان بچڻ لاءِ ايندڙ سال تائين ملتوي ڪرڻي پئجي وئي. ريتڪ روشن جي “موهن جو دڙو” 58 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪيو پر فلاپ وئي..هلندڙ سال سونم ڪپور جي “نيرجا”  سپرهٽ توڙي ٽائيگر شروف ۽ شرڌا ڪپور جي “باغي” به هٽ ثابت ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*