لاڙڪاڻو جي تعليمي بورڊ پاران 12 درجي جي پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، هيومنٽيز، ۽ ڪامرس گروپ جا رزلٽ جاري

Larkana-Board-3916

 لاڙڪاڻو جي تعليمي بورڊ پاران 12 درجي جي پري ميڊيڪل، پري انجنيئرنگ، هيومنٽيز، ۽ ڪامرس گروپ جا  رزلٽ جاري ڪيا ويا آهن.

پري ميڊيڪل گروپ ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي ذيشان سانگي 965 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته عمران علي شاهه  964 مارڪون کڻي بئي ۽ حرا اسڪول ڪمشمور جي سلاح الدين جکراڻي 963 مارڪون کڻي 3 پوزيشن حاصل ڪئي.

  شاگردياڻين ۾ روشن تارا اسڪول ڪشمور جي محق 968 مارڪون کڻي پهرين، گرلز ڪاليج جي شاگردياڻي فاطمه نور شيخ 966 مارڪون کڻي ٻئي جڏهن ته شاگردياڻي آمنا مغيري ۽ شازيا پروين 965 مارڪون کڻي ٽي پووزيشن ماڻي.

پري انجنيئرنگ گروپ  ۾ شڪارپور جي سي اينڊ ايس ڪاليج جي شاگرد ارشاد علي 969 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.

 ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي اياز علي 968 مارڪون کڻي ٻئي ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي ساگرد عادل علي 967 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

 پري انجنيئرنگ ۾ شاگردياڻين اموفا بيبي 959 مارڪون کڻي پهري پوزيشن  حاصل ڪئي، ڪشمور جي صائمه کوسو 957 مارڪون کڻي ٻئي ۽ گلرز ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردياڻي شانا عباسي 956 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

 پري ميڊيڪل گروپ ۾ ڪل  16 هزار 530 شاگردن ۽ شاگردياڻين امتحان ڏنو، جنهن مان 13 هزار 153 اميدوار پاس ٿيا.

پري انجنيئرنگ گروپ ۾ 10 هزار 947 اميدوارن امتحان ڏنو، جن مان 8 هزار 526 اميدوار پاس ٿيا………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*